قذافي اسٽيڊيم جو افتتاح، پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي فتح ڪندو: وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نئين سر اڏاوت کانپو قذافي اسٽيڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ ٿيل تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، وزيرن، ڪرڪيٽرن ۽ تماشائين شرڪت ڪئي. اسٽيڊيم ۾ جديد ايل اي ڊي لائٽس جا نوان ٽاور لڳايا ويا، سڀني انڪلوزرن ۾ نيون ڪرسيون لڳايون ويون.
ان کانسواءِ اسٽيڊيم ۾ ٻه جديد اسڪرينون به نصب ڪيون ويون، اسٽيڊيم جي نئين سر اڏاوت جو ڪم 117 ڏينهن جي رڪارڊ مدت ۾ مڪمل ڪيو ويو.
افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قذافي اسٽيڊيم جي اڏاوت شاندار نموني مڪمل ڪئي وئي آهي.
هن پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي محنت جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن ناممڪن ڪم کي به ممڪن بڻايو.
وزيراعظم قومي ٽيم جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته پاڪستاني رانديگرن بهترين ڪرڪيٽ کيڏي، جنهن سان سڄي قوم خوش ٿي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.
شهباز شريف شاهين آفريدي کي به اتساهه ڏياريندي چيو ته هو پنهنجي سهري جيان وڪيٽن جا انبار لڳائي.
ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، ۽ وزيراعليٰ پنجاب شوقينن لاءِ بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.