اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) واهپيدارن کي اطلاع ڏنو آهي ته بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي موبائل فون خريدڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
پي ٽي اي موجب، موبائل فون تي لاڳو ٽيڪس پاڻمرادو بينڪنگ سسٽم ذريعي ادا ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به غير قانوني ايجنٽ يا فراڊ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
پي ٽي اي واضح ڪيو ته موبائل فون صحيح سڃاڻپ ڪارڊ يا پاسپورٽ ڪيٽيگري تحت رجسٽرڊ هجڻ گهرجي ۽ ڊيوائس جي سڃاڻپ، رجسٽريشن ۽ بلاڪنگ سسٽم سان ڳنڍيل هجڻ ضروري آهي.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته اڻ رجسٽرڊ موبائل ڊيوائس لاءِ 60 ڏينهن اندر لاڳو ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون ادا ڪرڻ ضروري آهن.
اهي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون رڳو ايف بي آر طئي ڪري ٿو، جڏهن ته پي ٽي اي جو ڪردار رڳو ”ڊي آءِ آر بي ايس “ ذريعي موبائل فون رجسٽرڊ ڪرڻ ۽ انهن جي قانوني استعمال کي يقيني بڻائڻ تائين محدود آهي.
You might also like