حيدرآباد: ايس ايس پي فرخ لنجار موڪل تي روانو، وڪيلن جو احتجاج ختم

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي موڪل تي روانو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وڪيلن پنهنجو احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد باءِ پاس تي لڳل احتجاج ٽئين ڏينهن ختم ٿيڻ بعد ٽريفڪ بحال ٿي وئي، جنهن بعد مسافر پنهنجين منزلن ڏانهن روانا ٿي ويا.
ذاتي مصروفيتن جو سبب ڄاڻائي ايس ايس پي کي موڪل تي موڪليو ويو، جڏهن ته ان بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، سندس چارج ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان حوالي ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي ايس ايس پي جي بدلي کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو، جنهن بعد شهر ۾ عدالتي سرگرميون معمول تي اچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.