اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي ماڻهن کي ڪڌن مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، عمران خان چاهي ٿو ته کيس ٻيهر وزيراعظم بڻايو وڃي ۽ وارداتون ڪرڻ شروع ڪري. جيڪي پي ٽي آءِ سان وارداتون ڪن ٿا، اهي پنهنجي دولت ۽ ملڪيت کڻي ڀڄي وڃن ٿا. هڪ بيان ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف چيو ته 8 فيبروري هر سال ايندي آهي، هن ڀيري به ايندي ۽ گذري ويندي. انهن کي حق آهي.