واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي.
واشنگٽن ۾ قومي نيرن واري تقريب دوران پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن تقريب ۾ آمريڪي اختيارين سميت سڄي دنيا جي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته تقريب ۾ دنيا جون اهم شخصيتون موجود هيون، جڏهن ته آمريڪي صدر پڻ خطاب ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوامي رابطن کي مضبوط ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته مذهب کي ورهائڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته هي نيرن بين المذاهب ڀائيچاري جو هڪ سٺو موقعو آهي، ماڻهن سان برابر جي سطح تي ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، هر مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي مڃي ٿو، ان ڪري هي قومي نه پر عالمي دعائيه تقريب آهي.
پ پ چيئرمين ميڊيا کي ٻڌايو ته هن ڪانگريس ميمبرن سان به ملاقاتون ڪيون، هو هاڻي پرڏيهي وزير ناهي، تنهن ڪري سموريون ملاقاتون ذاتي حيثيت ۾ ڪيون آهن.
هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين سان گڏجي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تقريب ۾ سڄي دنيا مان ماڻهو شريڪ ٿيا، جڏهن ته آمريڪي صدر خطاب به ڪيو.
”مذهب کي ورهائڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي“بلاول جو واشنگٽن ۾ قومي نيرن واري تقريب کي خطاب
You might also like