وڪيلن پاران جڊيشل ڪميشن جي آڇ رد، ايس ايس پي حيدرآباد جي برطرفي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي آڇ رد، ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽائڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو: وڪيل اڳواڻ
حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ايس ايس پي کي هٽائڻ لاءِ وڪيلن جو ٻئي ڏينهن به باءِ پاس تي ڌرڻو جاري آهي.
وڪيلن رات هاءِ وي تي ويهي گذاري، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سيشن ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ وڪيل پيش نه ٿيا.
وڪيلن جي ڌرڻي ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.
احتجاج ڪندڙ وڪيلن جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي آڇ کي رد ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽائڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.
وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ وڪيلن سان ٿيل بداخلاقي جو ذميوار ايس ايس پي آهي، ان ڪري کيس هٽائڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.