پي ٽي آءِ جو صوابي ۾ جلسي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف اٺ فيبروري وارين چونڊن کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي انتشار ۽ ٽڪراءُ نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سڀاڻي رڳو صوابي ۾ جلسو ٿيندو جڏهن ته تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي احتجاج ڪيو ويندو، انتشار ۽ ٽڪراءُ جو ارادو نه آهي.
مولانا فضل الرحمان جي سوال تي سلمان اڪرم چيو ته هو سمجهي ٿو ته مولانا فضل الرحمان عوام سان گڏ بيهندو پر پي ٽي آءِ آئين ۽ عدليا لاءِ اصولن تي قائم آهي، جنهن کي گڏ هلڻو آهي هلي، ٻي صورت ۾ پي ٽي آءِ اڪيلي اڳتي وڌندي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف اٺ فيبروري تي مينارِ پاڪستان تي جلسي لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا ڊپٽي ڪمشنر رد ڪندي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.