پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تحريڪ انصاف جي جلسن ۽ احتجاج تي هينئر تائين 50 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب، وڏي وزير جلسن ۽ احتجاج تي 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا، جڏهن ته احتجاج دوران ساڙيل مشينري ۽ ٻين نقصانن جي رقم به پنهنجي ذاتي رقم مان ادا ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي ٿيندڙ جلسي لاءِ به وڏي وزير پارٽي کي 50 لک رپيا ڏنا آهن، جڏهن ته قافلي ۾ شامل سوين گاڏين جي ڪرائي جي ادائيگي به ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊي آءِ خان ريجن مان هڪ وڏو قافلو عمر امين جي اڳواڻي ۾ صوابي پهچندو.
ان حوالي سان وڏي وزير جي ترجمان فراز مغل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علي امين گنڊاپور سڀ خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪري رهيو آهي، سڀاڻي ٿيندڙ جلسي لاءِ به هن فنڊ فراهم ڪيو آهي ۽ هو پارٽي لاءِ ڪم جاري رکندو.
Prev Post
You might also like