اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن بابت پي ٽي آءِ جي درخواست تي لڳايل اعتراض ختم ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن بابت ٻڌڻي ڪئي.
آئيني بئنچ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي درخواست تي لڳايل اعتراضن کي ڪالعدم قرار ڏيندي، رجسٽرار آفيس کي هدايت ڪئي ته آئيني درخواست کي باضابطا نمبر جاري ڪيو وڃي.
ٻڌڻي دوران آئيني بئنچ سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ترميمن خلاف پهريان هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڇو نه ڪيو ويو؟ عمران خان جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ جي ترميمن سبب عوامي حق متاثر ٿي رهيا آهن.
جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 184 ٽي تحت قانونن خلاف درخواستون مرضي سان ٻڌيون وينديون آهن، ڪڏهن ڪنهن ڪيس کي ٻڌو ويندو آهي ته ڪڏهن چيو ويندو آهي ته پهرين هاءِ ڪورٽ وڃو، جيڪڏهن سڌي ريت درخواستون ٻڌندا رهياسين ته آرٽيڪل 199 بي اثر ٿي ويندو.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
Next Post
You might also like