واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، وائٽ هائوس ۾ واپسي کانپوءِ ايران خلاف هي پهريون پابنديون آهن، جن تحت آمريڪي ناڻي واري کاتي ايران جي تيل واري نيٽ ورڪ کي نشانو بڻايو آهي.
رپورٽ موجب، ايران ۾ اڳ ئي پابندين جو شڪار ڪمپنين سان لاڳاپيل ماڻهن، جهازن ۽ فرم تي به پابنديون مڙهيون ويون آهن.
آمريڪي ناڻي واري وزير الزام هنيو آهي ته ايران پنهنجي تيل جي آمدني کي جوهري پروگرام، بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرونز تي خرچ ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ايران تيل جي آمدني دهشتگرد گروپن جي مدد لاءِ به استعمال ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري غيرقانوني سرگرمين جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايران آمريڪي پابندين کي بحري قزاقي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ عالمي فوجداري عدالت تي به پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي.
You might also like