نوجوان جي عشق ۾ ڪراچي پهتل آمريڪي عورت ڏيهه واپسي لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي قونصل خاني جي عملي آمريڪي عورت کي وطن واپسي لاءِ راضي ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي پاڪستاني نوجوان سان مبينا محبت ۾ گرفتار ٿي ڪراچي پهتل آمريڪي عورت سان جناح اسپتال ۾ آمريڪي قونصليٽ جي عملي ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ علاج هيٺ آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنس کي وطن واپس وڃڻ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي ۽ آمريڪي قونصل خاني طرفان سندس لاءِ واپسي واري ٽڪيٽ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.