ڳورهاري عورت سان زيادتي، گوڙ تي جوابدارن هلندڙ ريل مان هيٺ اڇلائي ڇڏيو

چنائي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڳورهاري عورت کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي هلندڙ ريل مان هيٺ اڇلائي ويو .
پرڏيهي ميڊيا موجب، هي واقعو ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ پيش آيو، جتي 4 مهينن جي ڳورهاري عورت کي ٻن جوابدارن ٽرين ۾ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو.
رپورٽن موجب، جمعي جي ڏينهن متاثر عورت تامل ناڊو کان آنڌرا پرديش ويندڙ ٽرين ۾ سوار ٿي، سفر دوران جڏهن هوءَ واش روم وڃڻ لڳي ته ٻن جوابدارن زبردستي کيس اندر ڌڪو ڏنو ۽ مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو، عورت جي گوڙ ڪرڻ تي جوابدارن کيس ويلور ضلعي لڳ هلندڙ ٽرين مان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ٽرين مان ڌڪو ڏيڻ سبب عورت کي هٿ، پير ۽ مٿو تي سخت ڌڪ لڳا، جنهن بعد کيس ترت اسپتال نيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ريلوي پوليس سان گڏجي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري کائنس پاڇا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.