اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 12 دهشتگرد ماريا ويا، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي اتر وزيرستان جي حسن خيل واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هنگو ضلعي سان تعلق رکندڙ پاڪ فوج جو 35 ورهين جو لانس نائڪ محمد ابراهيم شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.