سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ پاڻي جو مسئلو تمام گهڻو نازڪ آهي، جنهن کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي جيڪا صورتحال هڪ سال اڳ هئي، اها بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي ڪجهه گهٽ ٿيڻ شروع ٿي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتر رهي آهي.
خورشيد شاهه چيو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته پاڻي بابت افواهون پکيڙي ٽئين صوبي ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
خورشيد شاهه چيو ته نارا ڪينال 2 ڪلو ميٽرن تائين پڪو ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن سال روهڙي ڪينال کي پڪو ڪيو ويندو، ان سان گڏ سکر بئراج مان نڪرندڙ سڀني ڪينالن کي پڪو ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪورين حڪومت سان گڏجي 62 ملين ڊالر جي لاڳت سان اروڙ وٽ ٽراما سينٽر ٺاهيو ويندو.
You might also like