ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ روڊن جي حفاظت جي قانون تي عمل لاءِ روڊ چيڪنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
ڪميٽي موٽر وهيڪل قانون ريگوليشنز 1965ع ۽ روڊ سيفٽي ايڪٽ 1985 تحت جوڙي وئي.
ڪميٽي موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۽ موٽر وهيڪل رولز 1969ع تحت واپاري گاڏين، ڊمپرن ۽ واٽر ٽينڪرن جي نگراني ڪندي.
روڊ چيڪنگ ڪميٽي جي صدارت سيڪريٽري صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڪندو.
سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڪراچي، ٽريفڪ پوليس جا نمائندا ۽ ايم وي آءِ ونگ سنڌ حڪومت جا 3 موٽر وهيڪل انسپيڪٽر ڪميٽي ۾ شامل هوندا.
ڪميٽي جي ذميوارين ۾ واپاري گاڏين جي ضروري دستاويزن، جن ۾ رجسٽريشن بُڪ، روٽ پرمٽ، فٽنس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊرائيونگ لائسنس جي جاچ ڪرڻ شامل آهي.
اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ ۽ ٻين ٽريفڪ ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي خاص روڊن تي چيڪنگ به ڪندي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته روڊن تي شهرين جو تحفظ ۽ سندن ڀلائي سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي.
هن چيو ته انساني زندگين کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به ڀڃڪڙي کي برداشت نه ڪيو ويندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتي قدمن جو مقصد ٽريفڪ ڀڃڪڙين کي هاڪاري طريقي سان منهن ڏئي روڊن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻو آهي.
You might also like