ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ چيني شهرين کي پوليس طرفان هيسائڻ خلاف درخواست واپس وٺڻ جي اپيل تي خارج ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ چيني شهرين کي پوليس طرفان هيسائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته الزامن جي جاچ لاءِ پهريان لاڳاپيل اٿارٽي وٽ وڃڻ بدران عدالت ڇو آيا؟
عدالت چيو ته قومي مفاد جو مسئلو هو، اوهان کي پهريان لاڳاپيل اٿارٽي وٽ وڃڻ گهرجي ها، درخواست ڏيندڙ کي پهريان آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها.
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته حڪومت درخواست ڏيندڙن جي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
وڪيل چيو ته درخواست ڏيندڙ سنڌ سرڪار جي قدمن مان مطمئن آهن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ درخواست واپس وٺڻ ٿا چاهن.
عدالت چيني شهرين جي درخواست واپس وٺڻ جي اپيل تي خارج ڪري ڇڏي..
You might also like