آمريڪي صدر عالمي فوجداري عدالت تي پابندي جو صدارتي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي فوجداري عدالت تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي صدارتي حڪمنامي تي صحيح ڪري ڇڏي.
وائيٽ هائوس عالمي فوجداري عدالت تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته عدالت جي عملدارن، ملازمن ۽ سندن گهر ڀاتين جا اثاثا منجمند ڪيا ويا آهن.
وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته عالمي فوجداري عدالت جي عملدارن، ملازمن ۽ سندن گهر ڀاتين تي سفري پابنديون به لاڳو ڪيون ويون آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته عالمي فوجداري عدالت آمريڪا ۽ اسرائيل کي غير منصفاڻي نموني نشانو بڻايو، عدالت نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.