عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) آمريڪي پابندين خلاف سمورن 125 رڪن رياستن کي متحد ٿيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب،عالمي فوجداري عدالت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مڙهيل پابندين جي مذمت ڪئي آهي.
رپورٽ موجب، پابندين جي ردعمل ۾ عالمي فوجداري عدالت پنهنجي 125 ميمبر رياستن کي اپيل ڪئي ته اُهي سڄي دنيا ۾ انصاف ۽ بُنيادي انساني حقن لاءِ متحد ٿين.
عدالت، انصاف جي فراهمي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسين پنهنجي عملي سان مضبوط بيٺل آهيون.
ياد رهي ته گذريل سال عالمي فوجداري عدالت طرفان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ٻين لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، جنهن جي جواب ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آيل آمريڪي صدر ٽرمپ عدالت تي ئي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.
ٽرمپ جي پابندين جي مذمت، عالمي فوجداري عدالت پاران ميمبر ملڪن کي متحد ٿيڻ جي اپيل
You might also like