ڪئنالن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي پنڌ مارچ جي مختلف هنڌن تي آجيان

ٽنڊو جان محمد/ڊگھڙي(نمائندا)سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ چوٿين ڏينھن ٽنڊو جان محمد کان شروع ٿيو جنھن جو الجنت اسپتال وٽ ڊاڪٽر سھيل ٽالپر، بائي پاس ٽنڊو جان محمد وٽ ڊاڪٽر رازق ڪلوئي پنھنجي ساٿين سان گڏجي گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ۽ کين مانجھاندو ڏنو،صوفي آباد تي ڳوٺاڻن، ھارين ۽ شھرين پيادل مارچ جو گلن جي ورکا سان زبردست استقبال ڪيو،مارچ جي اڳواڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري،انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، ارباب  نوحاڻي،الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، مير اختر ٽالپر،وڪيل ذاڪر حسين لغاري، خادم سمون، رب ڏنو ملڪ، صديق اوٺو، مقصود ڀرڳڙي، رازو ڪولھي، عثمان لغاري ۽ ٻين ڪئي،مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي مظھر راھوجي چيو ته سنڌ نازڪ دؤر مان پئي گذري،ڪئنال ٺھيا ته سنڌ ۾ پاڻي جو ڦڙو به  نه ايندو،هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ جيڪي زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن، انهن ضلعن اندر ننڍيون ننڍيون رياستون ھونديون. جتي سنڌي ماڻھن کي داخل ٿيڻ به نه ڏنو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.