ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، وائيس چيئرمين سنڌ بار ڪائونسل ڪاشف حنيف چيو آهي ته 26هين ترميم توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي،هاڻي هنن ججن جي بدلي ڪري پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان سلسلي ۾ آل پاڪستان لائرز ڪنوينشن ٿي رهيو آهي،پريس ڪانفرنس ڪندي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر منير اي ملڪ چيو ته اڄ اهو مسئلو 2007 کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي،ان وقت هڪ چيف جسٽس جو سوال هو، اڄ پوري عدليه جو گهيرو ڪيو ويو آهي،لاهور ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ججن جي مقرري خلاف مزاحمت ڪئي ويندي،هن چيو ته اسان کي عدليه کان اميد آهي ته اها آئين جي پاسداري ڪندي،مقابلو اڳ به ڊوگر سان هو ۽ هاڻي به ڊوگر سان ٿيندو،هن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه سان زيادتي ڪئي وئي،توهان جيڪو ڪري رهيا آهيو اهو هن ملڪ جي بهتري لاءِ ناهي،پيڪا ايڪٽ ذريعي صحافين کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.