حيدرآباد/ ڪراچي(رپورٽر) وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو، پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي. حيدرآباد جي سوين وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي بدلي، ايس ايڇ او ڀٽائي نگر جي معطلي ۽ وڪيل مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جهڙا مطالبا نه مڃڻ خلاف واڌو واهه جي گيٽن وٽ حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سوين گاڏيون بيهجي ويون. 4 ڏينهن اڳ حيدرآباد جي ڀٽائيءَ نگر پوليس پاران ٽنڊوالهيار جي وڪيل علي رضا بوزدار مٿان ڪيس داخل ڪري سندس گاڏي تحويل ۾ ورتي وئي هئي، جنهن کانپوءِ گذريل ٽن ڏينهن کان حيدرآباد پوليس ۽ وڪيلن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آھي گذريل ڏينهن ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران بار ڪائونسل نه پھچڻ تي سوين وڪيلن شھباز بلڊنگ کان باءِ پاس تائين نعريبازي ڪندي پنڌ مارچ ڪري ڌرڻو هڻي ٻنھي پاسن کان روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، وڪيلن جو ڌرڻو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن سبب سنڌ جي مختلف شهرن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڊي آءِ جي حيدرآباد پنهنجي ڪيل واعدن تي پورو نه لٿو، ڊي آءِ جي بار ۾ نه آيو ۽ نه ئي ايس ايس پي کي هٽايو ويو آهي. اسان جنهن خاطري تي ايس ايس پي آفيس ۾ احتجاج ختم ڪيو هو، ان تي عمل ناهي ٿيو. هنن چيو ته اسان جي احتجاج بعد ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار ٿاڻن جي ڪمائو ايس ايڇ اوز ۽ ٻين ڪرپٽ پوليس آفيسرن جي ذريعي معاملي کي نئون رُخ ڏيارڻ جي لاءِ موڪل جي درخواستن وارو ڊرامو رچايو، پوليس آفيسرن کي ان کي وقت غيرت ۽ پنهنجي فرضن جو اندازو نه هوندو آهي جڏهن هو بيگناهه ماڻهن جي قاتل وڏيرن ۽ سردارن کي بچائڻ جي لاءِ انهن جي اوطاقن تي ويٺل نظر ايندا آهن. پوليس آفيسرن کي موڪل جون درخواستون ڏيڻ يا استعفائون ڏيڻ ان وقت ياد نه آيون جڏهن هڪ ڪاموري جي پٽ پوليس آفيسرن جي تذليل ڪئي هئي، پر وڪيلن جي جائز احتجاج تي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ان جي ڪمائو ساٿين کي وڏي ڪاوڙ اچي وئي آهي. هنن چيو ته پوليس وڪيل علي رضا بوزدار سان ناانصافي ڪئي هئي، جيستائين ايس ايس پي حيدرآباد کي ھٽائي پوليس وڪيل اڳواڻن کان معافي نه وٺندي تيسيتائين ڌرڻو جاري رھندو ۽ اڄ به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. وڪيلن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس ايس پي کي نه هٽايو ته سڄي سنڌ جا وڪيل ڪراچي ۾ احتجاج ڪندا.ٻئي پاسي ڪراچي ٽي تلوار چوڪ تي وڪيلن جو وڏو انگ ڌرڻو هڻي ويهي رهيو،پوليس خلاف نعرا.
ميرپورخاص جي وڪيلن جو حيدرآباد جي وڪيلن سان ايڪي طور ڌرڻو
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي حيدرآباد ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار خلاف ميرپورخاص جي وڪيلن حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاجي مظاهري ۾ عبدالرئوف آرائين، ممتاز جروار، عدنان خرم ميئو، ڀون سنگهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سندن چوڻ هو ته وڪيل ڪڏهن به ظلم ۽ زيادتي تي خاموش نه رهندا. وڪيل اڳواڻن پوليس گردي جي مذمت ڪندي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ وڪيلن خلاف ڪوڙآ ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.
عاجز ڌامراهه کي ڏسي وڪيلن جا لالي پاپ نامنظور جا نعرا
حيدرآباد (م ڊ) پيپلزپارٽي اڳواڻ عاجز ڌامراهه ڳالهين لاءِ وڪيلن جي ڌرڻي ۾ پهتو. عاجز ڌامراهه کي ڏسي وڪيلن نعريبازي ڪئي ۽ لالي پاپ نامنظور جا نعرا هنيا. عاجز ڌامراهه به وڪيلن کي نعرن جو جواب ڏيندي نظر آيو ۽ نامنظور چوندي ڏٺو ويو. وڪيل اڳواڻ اياز تنيو چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽايو وڃي ته ڌرڻو ختم ڪنداسين. ٽريفڪ ۾ ڦاٿل مسافرن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو. حڪومت کي سوچڻ گهرجي. هاءِ ڪورٽ بار جي صدر چيو ته مطالبو تسليم نه ٿيو ته ڳالهه وڌي ويندي. عاجز ڌامراهه چيو ته هو مطالبو حڪومت تائين پهچائيندو.
ڌرڻي ۾ مختلف شهرن مان آيل وڪيل شريڪ
حيدرآباد: ڌرڻي ۾ حيدرآباد، ڪراچي، سانگھڙ، ٽنڊوالھيار، نوابشاھه، بدين، ٽنڊو محمد خان، مٽياري ۽ ڄامشورو سميت مختلف شهرن جا وڪيل شريڪ ٿيا، صبح کان رات دير تائين جاري رهندڙ هن ڌرڻي ۾ شام ڌاري وڪيلن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو ويو. ڌرڻي ۾ حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر اياز تنيو، عرفان ٻگهيو، ڊسٽرڪٽ بار جو جنرل سيڪريٽري شاڪر نواز شر، ناميارو وڪيل سجاد چانڊيو، ڪي بي لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ هئا.
احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ قوم پرستن، شهرين،شاعرن جي شرڪت
حيدرآباد: وڪيلن پاران پوليس حيدرآباد باءِ پاس تي ٿيل احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن، اڳواڻن، عام شهرين، ڊاڪٽرن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن به يڪجهتي طور شرڪت ڪئي. رات دير تائين هلندڙ احتجاج ۾ ماڻهن جي اچ وڃ وارو سلسلو جاري رهيو. وڪيل پوليس خلاف نعريبازي ڪندا قومي گيتن تي رقص ڪندا رهيا.
احتجاج دوران پوليس جا وڏا اٽالا باءِ پاس تي مقرر
حيدرآباد: حيدرآباد باءِ پاس تي وڪيلن جي احتجاج دوران پوليس جا وڏا اٽالا باءِ پاس تي به مقرر ڪيا ويا، پوليس اهلڪارن کي لٺين سان گڏ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ڏنا ويا هئا.حيدرآباد پوليس پاران ايس ايس پي آفيس جي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، ايس ايس پي ۽ ڊي سي هائوس ويجهو پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا، عدالتي عمارتن ٻاهران به پوليس جي وڏي نفري مقرر ٿيل هئي.