ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ بعد ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ به انگلينڊ کي گهمائي لاٿو

ناگپور(ويب ڊيسڪ) ڀارت انگلينڊ کي پهرين ون ڊي ۾ چئن وڪيٽن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ناگپور جي وڌربا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلش ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
انگلش ٽيم اوپنرن طرفان شاندار شروعات باوجود وڏو ٽوٽل ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 48 هين اوور ۾ 248 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
انگلش ڪپتان جوز بٽلر 52 ۽ جيڪب بيٿل 51 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته فِل سالٽ 43، بين ڊڪٽ 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ڀارت طرفان هرشت رانا ۽ رويندرا جاڙيجا 3،3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته اڪشر پٽيل، ڪُلديپ يادو ۽ محمد شامي جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
ڀارتي ٽيم انگلينڊ جو 249 رنسن جو هدف 39 هين اوور ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
شُڀمَن گِل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 87 ٺاهيون، جڏهن ته شرياس ائير 59 ۽ اڪشر پٽيل 52 رنسن جي اننگز کيڏي.
انگلينڊ جي ثاقب محمود ۽ عادل رشيد ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
شاندار بيٽنگ تي شُڀمَن گِل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.