راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ داخلا کان روڪڻ تي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري تپي باهه ٿي ويو.
اڊيالا جيل جي گيٽ تي روڪڻ تي فيصل چوڌري جيل عملي سان منهن ماري ڪئي.
جيل ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي فيصل چوڌري ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ جيل اهلڪارن سان تڪرار ڪيو، جڏهن ته هن گاريون به ڏنيون.
ان بابت فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته اڄ نوَ مئي جي ايڇ ڪيو ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي، کيس ٻن ڪلاڪن تائين ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جيل جي ڪمري ۾ ويهاريو ويو ۽ جيل عملو کيس هراسان ڪندو رهيو.
اڊيالا جيل چوڪي جيل عملي خلاف ڪارروائي جي درخواست فيصل چوڌري کان وصول ڪري ورتي آهي.
You might also like