پي ٽي آءِ ۾ مائنس ون فارمولو ڪامياب بڻائيندڙ مُک ڪردار ڪير هو؟ پارٽي اڳواڻ ٻڌائي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم تحريڪِ انصاف ۾ مائنس ون فارمولي بابت انتهائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملازمت جو مدو جنوري ۾ پورو ٿي ويو، وزيراعظم کي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري واري معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻي آهي.
هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار تڪراري ۽ مايوس ڪندڙ رهيو آهي، سندس هوندي غير آئيني قدم کنيا ويا، اعليٰ عدليا بار بار چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلن تي اعتراض واريو، تاريخ ۾ ڪنهن به چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهڙو ڪردار ناهي رهيو.
شيخ وقاص اڪرم چيو ته مائنس ون فارمولو ڪامياب بڻائڻ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار انتهائي اهم رهيو، فارم 47 جي حڪمت عملي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سهولتڪار رهيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف عمر ايوب ذريعي سپريم جڊيشيل ڪائونسل ۾ شڪايت (درخواست) جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ باني خلاف پراسيڪيوٽر طور ڪردار ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.