اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي نوَ ايڊيشنل ججن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.
ذريعن موجب، ايڊيشنل ججن لاءِ خالد اسحاق، چوڌري سلطان محمود، جواد ظفر، سردار اڪبر علي ڊوگر، اويس خالد ۽ ملڪ جاويد اقبال جي نالن جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل ججن لاءِ حسن نواز مخدوم، احسن رضا ڪاظمي ۽ ملڪ وقار حيدر اعواڻ جي نالن جي به منظوري ڏني وئي.
You might also like