ٽِڪ ٽاڪر امشا رحمان پنهنجي وڊيو ليڪ ڪندڙ جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر امشا رحمان مبينه ويڊيو ليڪ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي مشروط معافي ڏئي ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر امشا رحمان جي مبينه ويڊيو ليڪ ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ضمانت جي درخواست تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عدنان رسول لاڙڪ ٻڌڻي ڪئي، عورت ٽڪ ٽاڪر ويڊيو ليڪ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالعزيز کي مشروط معافي ڏئي ڇڏي.
ٽڪ ٽاڪر امشا رحمان جي وڪيل هادي علي چٺا چيو ته جوابدار شرمسار آهي، اسان کيس معاف ڪريون ٿا ۽ سندس ضمانت جي مخالفت نٿا ڪريون.
هن چيو ته جيڪڏهن جوابدار پنهنجي ڏوهه تي شرمسار آهي ته اِها ڳالهه حڪمنامي ۾ پڻ لکي وڃي.
ياد رهي ته امشا رحمان جي مبينا ويڊيو ليڪ ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي ايف آءِ اي گوجرانوالا مان گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.