بنگلاديش: مڇريل ماڻهن جي شيخ مجيب الرحمان جي گهر کي باهه، عمارت ڊاهي پٽ

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ هزارين مظاهرين اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي اباڻي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي سوشل ميڊيا تي ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو.
واضح رهي ته احتجاج ڪندڙن ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن شيخ حسينه واجد تقرير ڪئي ته سندس خانداني گهر جي عمارت ڊاهي پٽ ڪئي ويندي.
ميڊيا رپورٽس موجب، شيخ حسينه واجد جي تقرير شروع ٿيندي ئي احتجاج ڪندڙن ڍاڪا ۾ شيخ حسينه واجد جي اباڻي گهر تي حملو ڪري ڏنو، مڇريل ماڻهن پهريان اڳوڻي وزيراعظم جي گهر کي باهه ڏني ۽ پوءِ عمارت کي ڪرين ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.
ڍاڪا ۾ موجود اهو گهر شيخ حسينه جي والد شيخ مجيب الرحمان جو هو جنهن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته شيخ حسينه واجد گذريل سال ملڪ ۾ ٿيل پرتشدد احتجاج کانپوءِ ملڪ مان فرار ٿي ڀارت هلي وئي هئي.
بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد يونس ڀارت کان ڪيترائي ڀيرا شيخ حسينه واجد جي واپسي جو مطالبو ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.