جسٽس منصور علي شاهه موسمياتي عدالت ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه ملڪ ۾ موسمياتي عدالت ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد ۾ موسمياتي تبديلين بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته دنيا موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، ۽ اسان کي موسمياتي احتساب جو نظام آڻڻو پوندو.
هن چيو ته موسمياتي عدالت جي قيام جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان کي ڪلائمٽ چئينج اٿارٽي ۽ ڪلائمٽ چئينج فنڊ قائم ڪرڻ گهرجي.
ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت مائيڪرو اڪنامڪ محاذ تي اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ٻه اهم مسئلا آهن، هڪ آبادي جو تيزيءَ سان وڌڻ ۽ ٻيو موسمياتي تبديلي سان مقابلو.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت گرين ڪلائمٽ فنڊز لاءِ غور ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.