اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ عبدالغفور انجم انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان جيل مان ڪنهن شخصيت کي ڪو به خط ناهي لکيو.
اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ عبدالغفور انجم هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل مان ڪنهن شخصيت کي ڪو خط ناهي لکيو.
سندس چوڻ هو ته گرفتار جوابدار ۽ ڏوهاري جيڪڏهن جيل مان ڪو خط لکندو آهي ته ان جي ڇنڊڇاڻ جيل انتظاميا ۽ سپرنٽنڊنٽ ڪندو آهي، عمران خان فوج جي سربراهه يا ملڪ جي چيف جسٽس ڏانهن جيل مان ڪو به خط ناهي اُماڻيو.
هن چيو ته ڪنهن به گرفتار شخص کي خط لکڻو هوندو آهي ته هو قلم ۽ ڪاغذ جيل انتظاميا کان حاصل ڪندو آهي، جنهن کان پوءِ اهو خط جيل سپرنٽنڊنٽ جي حوالي ڪيو ويندو.
عبدالعفور انجم ٻڌايو ته جيل رولز جي قلم 565 تحت سپرنٽنڊنٽ يقيني بڻائيندو آهي ته خط ۾ ڪو ڳڻتي جوڳو پيغام، وڳوڙ پسندي، دهشتگردي يا امن امان بابت ڪا ڳالهه ته ناهي.