راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڪشمير خاطر ٽي جنگيون وڙهيون، 10 وڌيڪ وڙهڻيون پيون ته وڙهنداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مظفرآباد جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي وڃي گل نڇاور ڪيا ۽ سندن قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. جنرل عاصم منير ڪشمير ۾ جاري آپريشنل حالتن ۾ مقرر آفيسرن ۽ جوانن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته دشمن جي ڪنهن به ڪارروائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اعليٰ درجي جي جنگي تياري برقرار رکڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي ظلمن ۽ وڌندڙ هندو انتهاپسندي ڪشمير جي عوام جي جدوجهد کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي، پاڪستان سدائين رياستي ظلم خلاف ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺو رهندو ۽ هڪ ڏينهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ پنهنجي مرضي موجب ڪشميري عوام پاڪستان جو حصو بڻجي ويندو. ان کان اڳ مظفر آباد پهچڻ تي آرمي چيف جي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آجيان ڪئي.