جھڏو/ٽنڊو جان محمد(نمائندا) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ٽئين ڏينھن جھڏو کان شروع ٿي بائي پاس، ناصر آباد، ٽيڊي موري، 202 اسٽاپ پھتو، جتي مارچ جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو،ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري،انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، ارباب نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، انور فوجي ۽ ٻين ڪئي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ريشما گوپانگ به مارچ ۾ شامل ٿيا. مارچ ٽنڊو جان محمد خان کان صوفي آباد پھچندو مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي مظھر راھوجي چيو ته سنڌو درياھ اسان جي دولت آھي. اسان جو خزانو آھي. اسان جو ساھ آھي،هن چيو ته سڄي سنڌ جون پارٽيون درياھ لاءِ احتجاج ڪري رھيون آھن پر ڪو به پ پ اڳواڻ درياھ لاءِ ۽ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ناھي،ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري چيو ته اسان جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. ميرپورخاص ضلعو انبن جو شھر ھو، پاڻي کوٽ جي ڪري باغ ختم ٿي ويا آھن،زينت سمون چيو ته دنيا چيٽ جي پي ٽي ۽ ڪلائيميٽ چينج جھڙن معاملن تي سوچي ۽ اڳتي وڌي رھي آھي. سنڌ جي مٿي ۾ آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي ھنيا ويا آھن جيڪي روز سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪن ٿا، شوڪت نوحاڻي چيو ته حڪومت سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو آھي،فصلن جو اگهھ نٿو ملي. الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، خادم سمون، رشيد گوپانگ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.