انسٽاگرام تي دلچسپ ريل فيچر جي آزمائش

سوشل شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام تي ”ريلز“ کي هڪ ڪلڪ تي روڪڻ جي فيچر جي آزمائش شروع ڪئي وئي.
هن وقت انسٽاگرام وڊيوز يا ريلز کي هڪ ڪلڪ تي موبائل ايپليڪيشن تي نٿو روڪي سگهجي پر ڊيسڪ ٽاپ تي هڪ ڪلڪ تي وڊيو رڪجي ويندي آهي.
ٽڪ ٽاڪ ريلز يا وڊيوز کي موبائل ايپليڪيشن تي هڪ ڪلڪ تي روڪي سگهجي ٿو پر انسٽگرام ۾ ائين ناهي.
پر هاڻ انسٽاگرام تي به هڪ ڪلڪ تي وڊيوز يا ريلز کي روڪڻ جي فيچر جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي.
آمريڪا سميت ٻين ملڪن جي محدود واهپيدارن کي ڄاڻايل فيچر تائين پهچ ڏني وئي آهي، ميٽا ان فيچر جي آزمائش جي تصديق ڪئي آهي پر اهو واضح ناهي ڪيو ته فيچر ڪيستائين سڀني واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ان وقت انسٽاگرام کي جيڪڏهن فون تي استعمال ڪيو وڃي ته هڪ ڪلڪ تي وڊيو بيهندي ناهي پر ان جو آواز بند ٿي ويندو آهي پر نئين فيچر سان هڪ ڪلڪ تي وڊيو بيهجي ويندي ۽ ٻيهر ڪلڪ تي اتان ئي شروع ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.