ڪجهه ماڻهن کي ڳڻي ناهي هوندي ته انهن جي هٿن جون رڳون گهڻيون اڀريل يا نڪتل ڇو آهن، جڏهن ته ڪجهه کي وري اڀريل رڳن کي ڏسي ڳڻتي ٿيندي آهي ڇو ته گهڻي قدر ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته اڀريل رڳو وڏي عمر جي نشاني آهن.
حقيقت ۾، هٿن جي رڳن جو گهڻو ٿلهو هجڻ ڪنهن به بيماري جي ڪري ناهي هوندو ۽ هر ماڻهو جي هٿن ۾ ڪنهن حد تائين رڳون اڀريل هونديون آهن. سولي ٻولي ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي اها ڳالهه ناهي وڻندي.
بهرحال اهو ڪو به طبي مسئلو ناهي هوندو. پر ڪجهه ماڻهن کي لڳندو آهي ته ان جي ڪري انهن جا هٿ بدصورت ٿي ويا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو تاثر وچولي عمر جي عورتن ۾ وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو، ڇو ته انهن کي عمر وڌڻ جو وڌيڪ احساس ٿئي ٿو.
ڪجهه مردن کي به لڳي ٿو ته هٿن ۾ رڳن جو اڀرڻ عمر ۾ واڌ جي نشاني آهي.
ماهرن موجب مردن جي هٿن جون رڳون عورتن کان وڌيڪ ٿلهيون هونديون آهن، ڪجهه ماڻهن کي جنهن ڳالهه جو ڪو به فرق ناهي پوندو.
سوال اهو هي ته هٿن ۾ رڳون ڇو وڌيل هونديون آهن؟ اهو صحت مند ۽ فٽنيس ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ به ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي انهن ماڻهن ۾ جيڪي لڳاتار ورزش ڪن ٿا. جڏهن هٿن ۾ چرٻي گهٽ ٿئي ٿي، تڏهن رڳون وڌيڪ ٿلهيون ٿي سگهن ٿيون.
جڏهن ماڻهو پوڙهائپ ڏانهن وڌڻ لڳندا آهن، تڏهن هٿن ۾ رڳون وڌيڪ واضح ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن تي ضابطو ڪرڻ جي ڪا خاص گنجائش ناهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن توهان ٿولهه جو شڪار آهيو ته ته چرٻي انهن رڳن کي دٻائي ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري اهي نظر ناهن اينديون.
اها ڪنهن وڏي مسئلي جي ڪري هونديون آهن؟ حقيقت ۾، هٿن ۾ رڳن جو اڀرڻ ڪنهن بيماري جو نتيجو ناهي، پر ها ڪڏهن ڪڏهن اهو رت جي وهڪرن ۾ رڪاوٽ يا چمڙي ۾ مسئلا پيدا ڪرڻ سبب ٿي سگهي ٿو. پر اهڙا واقعات تمام گهٽ هوندا آهن.
ڇا رڳن کي اڀرڻ کان روڪي سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن هٿن ۾ رڳون عمر وڌڻ سبب وڌيڪ نمايان ٿي رهيون آهن، ته انهن کي روڪڻ ممڪن ناهي. عمر وڌڻ سان هٿن ۾ رڳون هوريان هوريان ظاهر ٿينديون آهن، پر جسماني چرٻي جو پڻ ان ۾ اهم ڪردار آهي.
ورزش يا چرٻي گهٽ هجڻ سبب جيڪڏهن رڳون نمايان ٿين ٿيون، ته اهي وقت سان گڏ غائب ٿي وڃن ٿيون.
ها، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته رڳن کي ڪنهن طريقي سان لڪائي ڇڏيو ته ڪاسميٽڪ سرجري ذريعي اهو ممڪن بڻجي سگهي ٿو جنهن لاءِ ڳرا خرچ ٿيندا آهن.