ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان واڳيل مشهور جوڙو ماورا حسين ۽ امير گيلاني شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
ماورا حسين سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجي شاديءَ جون تصويرون شيئر ڪيون، جيڪي لاهور جي شاهي قلعي ۾ ڪڍيون ويون آهن.
اداڪارا تصويرن جي ڪيپشن ۾ ماورا لکيو ته ” ۽ سموري وٺ وٺان دوران اوهان کي ماڻي ورتو“ ان سان گڏ ماورا اڄوڪي تاريخ لکندي ”ماورا امير ٿي وئي“ جو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو.
ان کان اڳ شوبز جي دنيا جي گهري نظر رکندڙ عرفان، ماورا ۽ امير جي شادي هن مهيني ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي.
You might also like