ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ رڪارڊ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ في تولي سون جي قيمت 5 هزار 300 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 3 لک رپين جي ويجهو پهچي وئي.
جيولرز ايسوسيئيشن موجب 5 هزار 300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 99 هزار 600 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 4 هزار 158 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 56 هزار 869 رپين ۾ وڪرو ٿيو.
ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 53 ڊالر واڌ سان 2 هزار 868 ڊالر ٿي وئي.
Next Post
You might also like