اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل وڌيڪ 13 ڄڻن جي پاڪستاني شهري هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.
سفارتي ذريعن موجب، مقامي اختيارين کي رڳو 13 لاش مليا آهن، ۽ سڃاڻپ جي عمل دوران انهن جي پاڪستاني هجڻ جي تصديق ٿي. جڏهن ته گم ٿيل 27 پاڪستانين جا لاش اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن.
مراڪش ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعن ٻڌايو ته مڙهن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، فنگر پرنٽس ۽ تصويرون نادرا ڏانهن اماڻيون ويون، جتان تصديقي عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فهرستون تيار ڪيون ويون.
ذريعن موجب، لاشن جي سڃاڻپ کانپوءِ جلد مڙهه ڏيهه واپس آندا ويندا.