زرعي انڪم ٽيڪس وٺڻ کان اڳ زراعت لاءِ پاڻي ته ڏيو؟

سنڌ اسيمبليءَ ۾ نيٺ ڪالهه زرعي آمدنيءَ تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت زرعي انڪم ٽيڪس  ايڪٽ 2025، جو بل پيش ڪيو ويو جنهن موجب زرعي آمدني جي حوالي سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ڪيو ويو آهي جنهن جي پهريون سنڌ حڪومت جي ڪابينا منظوري ڏني هئي. عام تاثر اهو آهي ته زرعي آمدني تي لڳايل اهو ٽيڪس آءِ ايم ايف جي شرط تحت لاڳو  ٿيو آهي جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به ڪئي آهي ته اسان وفاق جي چوڻ تي اهو بل منظور ڪيو آهي ۽ وفاق آءِ ايم ايف  جي اها شرط مڃڻ کان اڳ صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو هو.

هتي ان  موضوع تي ڳالهائڻ جا ٻه نُڪتا آهن. هڪ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو مجبوري وارو پاسو ۽  ٻيو زرعي  ٽيڪس سان زراعت ۽ آباد گارن کي پهچندڙ هاڃي جو. اها ڪيڏي نه کل جوڳي ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت جيڪا پ پ جي سهاري حڪومت قائم ڪيو ويٺي آهي تنهن آڏو مسلم ليگ (ن) جي وفاقي  سرڪار جيڪر مجبور هجي پرالٽو  پ پ نظر اچي رهي آهي. پ پ کي اصولي طور تي سنڌ مفادن جي نگهباني جو خيال ڪرڻ گهرجي بجاءِ  ان جي ته اها مسلم ليگ (ن) جي پالسين کي هٿي ڏئي ۽ منظور ڪري.

سو موجوده وفاقي حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي جماعت هئڻ ڪري پ پ وفاقي حڪومت جي پاليسين کي بظاهر مخالف موقف رکڻ باوجود منظور به ڪري رهي آهي جيئن ڇهن ڪئنالن  ۽  موجوده زرعي ٽيڪس کي منظور ڪيو آهي.  صدر زرداري جيڪو پ پ جو اڳواڻ آهي تنهن ڇهن ڪئنالن جي به منظوري ڏني آهي ته سوشل ميڊيا واري تڪراري پيڪا وارو بل به وفاقي حڪومت جي چوڻ تي سنڌ اسيمبليءَ  مان منظور ڪرايو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي  پاڻ کي انهن معاملن جي مخالف به ڄاڻائي  رهي آهي جنهن تي هي ڪلام ذهن تي تري آيو آهي ته:

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان،

انڪار به آ، اقرار به آ…

سو پ پ هڪ ئي وقت مخالف جماعت جو به ڪردار ادا ڪري رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي پالسين جي مخالفت  به ڪري رهي آهي ته وفاقي حڪومت جي اتحادي هوندي انهن کي منظور ڪرائڻ ۾ وفاقي حڪومت جو ساٿ به ڏئي رهي آهي.  پ پ اهو به تاثر ڏئي رهي آهي ته  وفاقي حڪومت کيس اعتماد ۾ نه ٿي وٺي  ۽ پاڻمرادو فيصلا ٿي ڪري ته ٻئي پاسي پ پ انهن کي منظور به ڪري رهي آهي يعني اندروني طور تي وفاقي حڪومت سان گڏ آهي ۽  ٻاهرين طور وري اهي سڀ فيصلا وفاقي حڪومت جو کاتي ۾ وجهي پاڻ کي آجو قرار ڏئي رهي آهي پر سمجهڻ وارا سڀ سمجهن ٿا. پ پ ان  خوشفهميءَ ۾ نه رهي ته اها عوام کي  بي وقوف بڻائڻ ۾ ڪو ڪامياب ٿي رهي آهي.

جيستائين زرعي ٽيڪس وارو معاملو آهي ته اسان ان کي سنڌ جي زراعت ۽ زرعي آبادگارن تي موتمار حملو سمجهون ٿا. ان  عمل سان سنڌ جي رهيل کهيل زراعت جيڪا اڳ ۾ ئي مرڻينگ آهي سا مڪمل طور تي  مري ويندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زراعت کي پهريون ته گهربل پاڻي ئي نه ٿو ملي،  مالي طور آبادگار هونئن ئي ڏٻري حالت ۾ آهي. کين مالي طور نقصان ئي نقصان پلئه پئجي رهيو آهي تنهن ڪري انهن خاص ڪري ڪمند جي آبادگارن ته هن سال ڪمند جو فصل نه پوکڻ جو چتاءُ  به جڏئي ڇڏيو آهي.  سو سنڌ ۾ زراعت لاءِ  ڪنهن به قسم جوسازگار ماحول ناهي رهيو. آبادگار هونئن ئي توبهه تائب ڪري رهيا آهن مٿان وري زرعي ٽيڪس جو مٿن واڌو بار به وجهجي ته ان کي ڇا سمجهجي.

سو وفاقي حڪومت کي اهو ته سوچڻ گهرجي نه ته ان جو سنڌ جي زراعت جي واڌ ويجهه لاءِ  به ڪو ڪم ٿيل آهي يا نه.  جيڪڏهن ان جو سنڌ جي زراعت جي مفاد ۾ ڪو ڪم يا ڪا پاليسي ناهي ته پوءِ  زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو ان کي ڪو حق نٿو پهچي. ڇا وفاقي حڪومت سنڌ جي زراعت لاءِ سنڌ کي گهربل پاڻي ڏئي ٿي. جيڪڏهن 91 جي پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي ڪوٽڙي بيراج هيٺيان  گهٽ ۾ گهٽ 10 آءِ اي ايف پاڻي به مشڪل سان ملي ته پوءِ وفاقي  حڪومت کي  اخلاقي طور  نٿو سونهين ته اها سنڌ جي زراعت تي وري ٽيڪس به لاڳو ڪري. اهو ته آبادگارن کي زراعت مان هٿ  ڪڍڻ تي مجبور ڪرڻ آهي اها ڪا همت افزائي ته ناهي اڃان به ان کي حوصلا شڪني چوڻ گهرجي.

سو هڪ ته سنڌ ۾ زراعت لاءِ پاڻي ناهي، ٻيو وري مهانگائي آهي جيڪا وڌندي ئي وڃي ٿي پر حيرت آهي هت حڪومت کي  ان جو ڪو احساس ئي ناهي، پيا ٿا مهانگائي وڌائين جيڪا رڪجڻ جو نانءُ  ئي نه ٿي وٺي. جڏهن ته حڪومت جو ڪم اصل ۾ عوام جي گهرجن ۽ ان جي نبض تي هٿ رکي حڪومت ڪرڻ هوندو آهي پر هتي حڪومتون عوام جي امنگن جي برخلاف حڪومتون ڪنديون آهن ۽ وري ٽيڪس جي تقاضا به ڪنديون  آهن.  ماضي ۾  حڪومتون عوام  ۽ ادارن لاءِ سبسڊيون به ڏينديون هيون پر آءِ ايم ايف جي شرطن تحت اهي به ختم ڪيون ويون آهن هاڻي حڪومتن جو زور صرف ٽيڪس وٺڻ تي آهي پر عوام  کي ان عيوض ڪجهه به نٿو ڏنو وڃي. هاڻي ته سنڌ جي هاءِ ويز جي چپي چپي تي ٽول پلازا به ٺهڻ لڳا آهن مطلب ته سڄو زور اوڳاڙي تي آهي جڏهن ته ٽيڪسن عيوض عوام کي ملي ڪجهه به نه ٿو نه زرعي سهولتون نه سفري سهولتون نه سٺا روڊ نه صفائي سٿرائي. ماضي ۾ مڇرمار اسپري ٿيندا هئا اها روايت به ختم ٿي وئي آهن جنهن ڪري هن جديد ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ مڇرن ۾ ريڪارڊ واڌ ٿي آهي جنهن ڪري بيمارين ۾ به ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي. ٻيو ته ڇڏيو حڪومت گٽرن کي نه ڍڪڻ  ڏئي سگهي آهي نه ئي گٽرن جي پاڻي کي روڊن ۽ شاهرائن تي جمع ٿيڻ کان روڪي سگهي آهي. سرڪاري ادارن جا ملازم گهر ويٺي  پگهارون کڻڻ ۾  مصروف ۽  اسيمبلي  ميمبر پنهنجون پگهارون وڌائڻ جي چڪر ۾ عوام مٿان ٽيڪسن مان ٽيڪس لاڳو ڪري رهيا آهن  تنهن ڪري پنهنجو سوال اهو آهي ته ٽيڪس وصولي جا جتن ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي جو به جائزو وٺو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.