ڪراچي /ملير/شاهپورچاڪر (رپورٽر+ نمائندا) 6 نون ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان ملير ۾ گهگهر ڦاٽڪ کان الله والا چورنگي گُلشن حديد تائين 12 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلھوڙو،پرهه سومرو،زبير نوناري، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر، ايڊوڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ،اقبال جروار،زاهده نواز گهنڃو،ساک سنڌو،رستم ميراڻي، بلقيس لانگاهه،ساجده ملاڻو،حور النسا ميراڻي، حاجران ڪلمتي، ايڊووڪيٽ عمران ڪلمتي، ايڊووڪيٽ شڪيل راڄپر ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پيپلز پارٽي سنڌي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، صدر زرداري ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري ڪوڙا بيان ڏئي عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن وارو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي،هوڏانهن عوامي تحريڪ طرفان چودڳي کان شاهپور چاڪر تائين 10 ڪلوميٽر شارٽ مارچ ڪيو ويو،مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، لال جروار، شمشاد لغاري، عطاءُالله انڙ، مريم انڙ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته وفاقي سرڪار ملڪ کي پنجابستان بڻائي ڇڏيو آهي. پنجاب جو حڪمران طبقو سنڌ جي پاڻي تي طاقت جي زور تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي سُڪائي ڀڙڀانگ ڪري پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ ٿو چاھي،هنن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني وئي آهي، ناظم جوکئي جي قتل، پريا ڪماري جي اغوا، نواب ولي محمد قتلام ۽ چوٽياريون سانحي سميت سمورن ڏوهن ۾ پيپلز پارٽي جي نام نهاد چونڊيل نمائندن تي ملوث هجڻ جا الزام آهن.