لاهور (ويب ڊيسڪ) ڄاڻي واڻي شينهن جو پڃرو کولڻ تي وائلڊ لائيف کاتي پنجاب سخت ايڪشن وٺندي پارڪ ملازم کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
وائلڊ لائف کاتي جي ترجمان موجب جلو پارڪ ۾ مقرر ملازم شريف مسيح ڄاڻي واڻي شينهن جو پڃرو کولي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شينهن ٻاهر نڪري آيو، پارڪ ۾ مقرر عملي وقتائتي ڪارروائي ڪندي شينهن کي بيهوش ڪري واپس پڃري ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.
ترجمان ٻڌايو ته ملازم خلاف سخت ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ محڪماڻي انڪوائري شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.
You might also like