هانيا جا ڊمپل قدرتي يا هٿرادو؟ نئون انڪشاف سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هانيا عامر کي پاڪستان جي خوبصورت ترين اداڪارائن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، خاص طور چهري تي ڊمپل سبب کيس گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي.
تازو هڪ ناليواري ڊرماٽولاجسٽ ڊاڪٽر اريج خالد نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستاني اداڪارائن طرفان پنهنجي خوبصورتي کي وڌائڻ لاءِ پلاسٽڪ سرجرين جي حوالي سان گفتگو ڪئي.
هن هانيا عامر جي چهري تي ٿيندڙ پلاسٽڪ سرجرين جي حوالي سان گفتگو ڪئي.
ڊاڪٽر اريج خالد چيو ته هانيا جي ڳِٽن تي ڊمپل پلاسٽڪ سرجري سبب آهن، ان سان گڏ نڪ ۽ چپن جي سرجري به ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳٽن کي لفٽ ڪرڻ ۽ آءِ برو ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي پر هانيا جو رنگ قدرتي طور ڀورو آهي ۽ هوءَ خوبصورت اداڪارا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.