نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گنڀير پاڪ – ڀارت ميچ جي حوالي سان چيو آهي ته رڳو 23 فيبروري جي ميچ سڀ کان اهم نه پر سڀ ميچون اهم آهن.
پنهنجي بيان ۾ گوتم گنڀير چيو ته اسان چيمپيئنز ٽرافي ۾ اهو سوچي نه پيا وڃون ته 23 فيبروري جي ميچ اهم آهي، مان سمجهان ٿو ته 5 ئي ميچون اهم آهن، اسان جو مشن رڳو هڪ ميچ نه پر ٽرافي کٽڻ آهي.
هن چيو ته روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي ڊريسنگ روم ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ جي ويليو ۾ واڌ ڪندا ۽ ٻنهي جو چيمپيئنز ٽرافي ۾ وڏو ڪردار هوندو.
هوڏانهن ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو ته پاڪ – ڀارت ميچ بابت ڪو خاص ذڪر نه ڪنداسين، اسان کي رڳو سٺي راند کيڏڻي آهي ۽ کيڏنداسين.
You might also like