ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ناديا حسين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي آيل آمريڪي عورت کي واپس موڪليو وڃي، سندس تماشو نه بڻائڻ گهرجي.
پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ناديا حسين چيو ته آمريڪي عورت جو تماشو بڻائڻ جي ضرورت ناهي، کيس واپس موڪلڻ گهرجي، ڇو ته هوءَ جهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سندس ذهني توازن درست ناهي.
هن چيو ته مان ان جو مذاق نه پئي اڏايان پر ماڻهن کي معاملي جي سنگيني سمجهائي رهي آهيان، ٻڌايو پيو وڃي ته عورت ڪيترن ئي مهينن کان پاڪستان ۾ آهي، سندس ويزا جو مدو به ختم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس واپس موڪلڻ گهرجي.
You might also like