دبئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پهچندڙ ٻن ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
رڪي پونٽنگ آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي پر گڏوگڏ سندس چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم ٻنهي ٽيمن لاءِ هڪ وڏو چيلينج آهي.
رڪي پونٽنگ آءِ سي سي ريويو ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ ڪوالٽي پليئرز آهن، انهن ٽيمن جي ويجهر ۾ ۽ آءِ سي سي ايونٽس ۾ ڪارڪردگي سڀ ڪجهه واضح ڪري ٿي.
هن چيو ته ڀارت ۽ آسٽريليا کي فائنلسٽ ٽيمن لاءِ نطر انداز نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته هن وقت پاڪستان ٽيم به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، انهن جي ون ڊي ڪرڪيٽ ڪجهه عرصي کان شاندار آهي.
سندس چوڻ هو اسان ڄاڻيون ٿا ته وڏي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان بابت اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي پر لڳي ائين ٿو ته پاڪستان ٽيم بهتر ٿي وئي آهي.
You might also like