سنڌي رانديگرن کي حق نه مليو ته پنهنجو ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهينداسين: محمد بخش مهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌي رانديگرن کي حق نه مليو ته پنهنجو ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهينداسين.
سنڌ حڪومت طرفان صوبائي يوٿ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح راندين واري وزير محمد بخش مهر ڪيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد بخش مهر چيو ته ڪرڪيٽ رڳو پنجاب کان خيبر پختونخواهه تائين نه پر سنڌ ۾ به آهي، سنڌ جي ڪرڪيٽرن کي ميرٽ جي بنياد تي حق نه مليو ته پنهنجو ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهينداسين.
هن چيو ته قومي ٽيم تائين ويندڙ سنڌ جا ڪرڪيٽر ڊگ آئوٽ ۾ ويٺا هوندا آهن، چيمپيئنز ٽرافي جي شانائتي طريقي سان آجيان ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.