اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۾ وڏي پيماني تي سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ايف آءِ اي ۾ وڏي پيماني تي آفيسرن کي تبديل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، اهو فيصلو ايف آءِ اي ۾ مبينا ڪرپشن سميت ٻين شڪايتن تي ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ خيبر پختونخواهه ۾ مقرر آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي، تمام جلد ڪرپٽ آفيسرن کي هٽايو ويندو.
You might also like