نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ ۾ 6.81 ٽريلين رپين جي دفاعي خرچن جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، جيڪو گذريل سال جي شروعاتي ڪاٿن کان 9.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
بجيٽ ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته واڌ نون هٿيارن جي خريداري بدران پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جي مد ۾ خرچ ڪئي ويندي.
دفاعي بجيٽ ۾ 4.7 ٽريلين رپيا افرادي قوت تي لاڳت جي مد ۾ ۽ 1.80 ٽريلين رپيا جنگي سامان جي خريداري لاءِ رکيا ويا آهن.
تازي واڌ گذريل مالي سال جي دفاعي بجيٽ ۾ ٿيندڙ واڌ کان 4.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي، بجيٽ ۾ 486 ارب رپيا هوائي جهاز ۽ ايرو انجڻين لاءِ، جڏهن ته 243.9 ارب رپيا بحري ٻيڙن لاءِ رکيا ويا آهن.
You might also like