اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس جي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) اشفاق وڙائچ اعلان ڪيو آهي ته جيڪو به لغڙ اڏائيندو ان جو گهر ڊاهي ڇڏيندس.
لغڙ اڏائڻ جي روڪٿام لاءِ اسلام آباد پوليس جو انوکو قدم سامهون اچي ويو ۽ سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشفاق ورائچ علائقي جي مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر تي خاص اعلان ڪيو آهي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
اشفاق وڙائچ او والدين کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان ايس ايڇ او سيڪريٽريٽ ڳالهائي رهيو آهيان، پنهنجي ٻارن کي منع ڪيو ته لغڙ نه اڏائين، اها خوني راند آهي ۽ جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻار لغڙ اڏايو ته ان جي پيءَ خلاف پرچو ڪٽيندس، ان کي روڊ تي جوتا هڻندس ۽ ان جو گهر به ڊاهي ڇڏيندس.
You might also like