پ پ جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي ڌمڪي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان نادر گبول نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍيا ويا ته وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي وينداسين.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي ويندي، پوءِ هيءَ حڪومت نه رهندي، پي ٽي آءِ جي حڪومت کي به اسان ڪيرايو هو.
هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست ختم ٿي وئي آهي، ٻوري بند لاش ۽ قتل عام ايم ڪيو ايم جو پيشو رهيو آهي، ايم ڪيو ايم وارا پاڻ کي ميڊيا ۾ زندهه ڪرڻ لاءِ اسان تي تنقيد ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.