سويلين جو ملٽري ٽرائل: اي پي ايس حملي ۽ 9 مئي جي شهرين ۾ ڪهڙو فرق آهي: آئيني بينچ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس ۾ جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته اي پي ايس سانحي ۽ 9 مئي وارن شهرين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جسٽس رٽائرڊ جويد ايس خواجا جي وڪيل خواجا احمد دليل ڏنا.
وڪيل خواجا احمد چيو ته شهري ملٽري ٽرائل ۾ ناهن ايندا، مان مڪمل آرمي ايڪٽ کي چيلينج نه پيو ڪيان، جسٽس منيب به پنهنجي فيصلي ۾ ان ئي دليل جو حوالو ڏنو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ تڪرار ٿيو هو ته هيئن به ٿي ٿو سگهي هونئن به ٿي ٿو سگهي، اڄڪلهه اها به سوچ آهي ته ڪا سياسي جماعت اهڙي حرڪت ڪري ته ڇا ٿيڻ گهرجي، گذريل ڏينهن مان مهراڻ بيس ۽ ڪجهه ٻين واقعن جو ذڪر ڪيو هو.
جسٽس مسرت هلالي چيو گذريل ڏينهن اسان کي قائل ڪيو ويو هو ته فوجي ٽرائل فيئر ٽرائل هوندو آهي، اي پي ايس سانحي ۽ 9 مئي وارن شهرين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
وڪيل چيو ته 16 ڊسمبر وارا دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هئا، انهن جي ٽرائل لاءِ ترميم ڪرڻي پئي هئي، جنهن کانپوءِ ٽرائل ٿيا هئا، پاڪ فوج جي سول ملازمن تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي، ان تي جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته ڇا ايئر بيسز تي حملو ڪرڻ تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي؟
وڪيل 9 مئي تي پاڪ فوج جي پڌرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته آءِ ايس پي آر 9 مئي واقعن تي 15 مئي تي پڌرائي جاري ڪئي، اسان کي پڌرائي تي ڪو اعتراض ناهي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته 9 مئي تي اداري ۾ ڏک جي لهر آهي، ترديد نه ٿيڻ جوڳيون شاهديون موجود آهن، پڌرائي کانپوءِ ملٽري ٽرائل ۾ فيئر ٽرائل ڪيئن ملي سگهي ٿو؟
وڪيل چيو اسان جو ڪيس آئين کان ٻاهر ناهي، 9 مئي جوابدارن جو ٽرائل ٿئي پر فوجي عدالتن ۾ نه.
جسٽس محمد علي چيو ته آرمي ايڪٽ جي شق 2 ون ڊي 2 ڪالعدم ڪرڻ سان ڪلڀوشن ڪيس ۾ ملٽري ٽرائل نه ٿي سگهندو، جسٽس حسن سوال ڪيو ته ڇا مستقبل ۾ جيڪڏهن ڪو ملڪ دشمن جاسوس پڪڙيو وڃي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟
وڪيل احمد حسين چيو ته ملڪ دشمن جاسوس جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندو.
جسٽس امين چيو عجيب ڳالهه آهي، قانون جي شق ڪالعدم قرار ڏني وڃي ۽ چيو وڃي ته اسپيشل ريميڊي وارن کي ڇوٽ آهي.
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ڇا مستقبل ۾ پاڪ فوج آرمي ايڪٽ جو سيڪشن 2 ون ڊي 2 استعمال ڪري سگهي ٿي؟ وڪيل جواب ڏنو ته مستقبل ۾ 2 ون ڊي 2 جو استعمال نه ٿي سگهندو.
پوءِ عدالت سويلينز جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.