اپر ڪرم ۾ فائرنگ سان اسسٽنٽ ڪمشنر زخمي

ڪرم (ويب ڊيسڪ) اپر ڪرم ۾ فائرنگ سان اسسٽنٽ ڪمشنر زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب اپر ڪرم جي علائقي بوشهرا ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد منان تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد منان پوليس سان گڏ بوشهرا ۾ موجود هو، واقعي کانپوءِ کيس فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري جوابدارن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ لوئر ڪرم ۾ ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود کي فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.